Episode 43: "سنڌي - "جي ٻه روڊ.mp3

==== " Words of Life", "Good News", "Gospel Songs" - Arabic, Gulf Arabic And Other Foreign Language ==== - Un podcast de United ArabEmirates GoodNews

 Sindhi - "The Two Roads".mp3 / "السندية - "ال اثنين الطرق.mp3 //يوحنا 11. دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود ھو، ڪلام خدا سان ھو ۽ ڪلام خدا ھو. 2. اھو ئي شروعات ۾ خدا سان ھو. 3. سڀيئي شيون ھن جي وسيلي پيدا ٿيون آھن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آھي، سا ھن کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آھي. 4. ڪلام ئي زندگي ڏيندڙ ھو ۽ اھا زندگي ئي انسانن لاءِ روشني ھئي. 5. روشني اوندھہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندھہ ڪڏھن بہ روشنيءَ تي غالب نہ آئي آھي.6. مت ۱‏:۳، مر ۴‏:۱، لو ۱‏:۳‎–۲ يحيٰ نالي ھڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا وٽان موڪليو ويو ھو. 7. اھو شاھد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاھدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻھو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين. 8. ھو پاڻ تہ روشني نہ ھو، پر روشنيءَ بابت شاھدي ڏيڻ لاءِ آيو ھو. 9. اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.10. ڪلام دنيا ۾ ھو ۽ ھن جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي، تہ بہ دنيا ھن کي نہ سڃاتو. 11. ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو. 12. پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين. 13. اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو.14. ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.15. يحيٰ ھن بابت شاھدي ڏيندي وڏي واڪي چيو ھو تہ ”ھي اھو آھي، جنھن بابت مون چيو ھو تہ ’جيڪو منھنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.‘“16. ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي. 17. شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، پر فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت مليا. 18. ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.